ٽنڊوڄام(ن پ ا) ٽنڊوڄام ويجهو کٽياڻ لنڪ روڊ تان ٽي ايم سي ٽنڊوڄام جي وائيس چيئرمين سيد شفقت شاھه جي ڀاءُ منور شاھه کي ھٿياربندن سندس ڳوٺ ويجھو ئي ھٿيارن جي زور تي يرغمال بڻائي ورتو، ڇهه نامعلوم جوابدارن هٿيار جي زور تي 10 لک رپيا روڪ رقم ۽ موبائل ڦر ڪري فرار ٿي ويا آهن، جڏهن ته وارثن پاران واقعي جي ٽنڊوڄام ٿاڻي تي رپورٽ داخل ڪرائي ورتي آهي، جڏهن ته آخري اطلاع تائين ڪا به گرفتاري عمل ۾ نه اچي سگهي آهي.