حيدرآباد (بيورو رپورٽ) حيدرآباد جي ٽنڊي يوسف ٿاڻي جي حد جي گجراتي پاڙي ۾ ڀائرن وچ ۾ ملڪيت جي تڪرار تان مبينا تشدد سبب پيرسن ماءُ فوت ٿي وئي. فوتي عورت 70 سالن جي مسمات ڪلثوم قاضي پنهنجي ٻن پٽن سجاد ۽ اصغر سان گڏ رهندي هئي. سندن ڀاءُ محمد علي سان سندن گهر جي معاملي تان ڳچ عرصي کان تڪرار هلندڙ هو. چيو پيو وڃي ته صبح جي ٽائيم تي فوتي عورت ڪلثوم جي ننهن راڻي جو ساڻس ڪچرو اڇلڻ جي معاملي تان تڪرار ٿيو جيڪو وڌي جهيڙي جي صورت اختيار ڪري ويو. ان دوران عورت فوت ٿي وئي جنهن جو لاش سندس پٽ کڻي سول اسپتال پهتا. اطلاع تي ٽنڊي يوسف ٿاڻي جي پوليس به سول اسپتال پهتي جتي ابتدائي طور وارثن پوسٽ مارٽم ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو ۽ عورت جو مڙهه کڻائي گهر روانا ٿي ويا. فوتي عورت جي پٽن جو ضد هو ته سندن ماءُ جي قتل جي ايف آءِ آر داخل ڪرائي وڃي پر پوليس بنا پوسٽ مارٽم جي ايف آءِ آر داخل ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. بعد ۾ فوتڻ جو لاش ٻيهر اسپتال منتقل ڪيو ويو جتي پوسٽ مارٽم بعد لاش وارثن حوالي ٿيو. فوتي عورت جي پٽ اصغر ۽ سجاد ٻڌايو ته سندن ڀاءُ محمد علي سان انهن جو گهر جي معاملي تان تڪرار هلندڙ آهي. گهران ڪڍي ڇڏڻ سبب هو دڪان ۾ رهندا هئا. سندن ڀاءُ ۽ ڀاڄائي راڻي انهن جي ماءُ تي تشدد ڪندي هئي. صبح جو ڀاڄائي اسان جي امڙ تي تشدد ڪيو. امڙ کيس گهر جو ڪچرو نالين ۾ ڦٽو ڪرڻ کان روڪيو جنهن تان هو مشتعل ٿي وئي ۽ کيس تشدد ڪرڻ لڳي. هو اڳ ئي دل جي مريضا هئي. هنن مطالبو ڪيو ته سندن ماءُ جي قتل جو ڪيس داخل ڪري ساڻن انصاف ڪيو وڃي. ٻئي طرف پوليس جو چوڻ هو ته فوتي عورت جي جسم تي ڪو ظاهري نشان نه هو. سندس پٽ قتل جو خدشو ظاهر ڪندا رهيا جنهن جي ڪري پوسٽ مارٽم ڪرايو ويو آهي. پوسٽ مارٽم جي رپورٽ کانپوءِ ڪيس داخل ڪيو ويندو.