حيدرآباد(بيورو رپورٽ) ٽنڊو يوسف ٿاڻي جي حد گلشن حامد جي رهواسڻ ياسمين بيواھه امداد حسين شاھه نشي جي عادي ننڍي پٽ امان حسين جي ظلم خلاف حيدرآباد پريس ڪلب سامهون احتجاج ڪيو. ان موقعي هن دانهيندي چيو ته ننڍو پٽ امان حسين آئيس جي نشي جو عادي ٿي ويو آھي، جنهن سبب گهر ۾ ڀيڻ ۽ ڀائرن سوڌو کيس مارڪٽ ڪري ٿو، جڏهن ته نشي جي عادي ٿيڻ سبب غلط صحت ۾ اچي ويو آھي ۽ کيس خدشو آھي پٽ جي ڪنهن وڏي غلط ڪم سبب سندس ٻين پٽن ۽ گهرڀاتين لاءِ مسئلو پيدا ٿي سگهي ٿو. هن اپيل ڪئي ته سندن پاڙي مان منشيات جو وڪرو جلد بند ڪرائي نوجوان نسل کي بچايو وڃي.