ٽنڊو مير علي (ن پ ا) ڳوٺ دينپور جي رهواسي اميد علي ملاح سٽي پريس ڪلب پهچي دانهيندي چيو ته مزدوري ڪرڻ لاءِ بٺي تي عصر مهل اٿي ويس ته عبدالله ملاح، ظهير ملاح، عرفان، آصف علي ملاح ۽ 4 نامعلوم ماڻهن منهنجي گهر ۾داخل ٿي هٿيارن جي زورتي منهنجي زال عاصما کي اغوا ڪيو ۽ گهر ۾ پيل روڪ رقم ۽ سون پڻ کڻي فرار ٿي ويا، هن چيو ته مان جڏهن مزدوري تان گهر واپس آيس ته پاڙي وارن کان پڇا ڪئي پر زال جو ڪو به ڏس پتو نه مليو، هن چيو ته ٽنڊو مير علي ٿاڻي تي جوابدارن خلاف اين سي داخل ڪرائي آهي پر پوليس زال کي بازياب ناهي ڪرايو، هن مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي زال بازياب ڪرائي جوابدارن کي گرفتار ڪيو وڃي.