صالح پٽ (ن پ ا) صالح پٽ ڀرسان ڳوٺ امام بخش ميتلو ۾ سماجي تنظيم ھيومن رائيٽس يونٽي فائونڊيشن پاڪستان جي اڳواڻن سميت ميتلا ۽ سومرا برادرين جي ماڻھن ٽنڊومستي پوليس ۽ بااثرن خلاف سنگرار روڊ تي مظاھرو ڪري ڌرڻو ھنيو، ان موقعي تي ھيومين رائيٽس يونٽي جي چيئرمين ايڊووڪيٽ الاھي بخش ميتلو ۽ ميتلا فيڊريشن جي اڳواڻ ڊاڪٽر محمد علي ميتلو چيو ته 20 ڏينھن اڳ چوپائي مال جا واپاري عيدالاضحيٰ تي ڪراچي ۾ مال وڪرو ڪري اچي رھيا ھئا ته نشي ۾ ڌت ڪوچ ڊرائيور ھلندڙ مزدا کي پويان ٽڪر ھنيو ته مزدا ڪلٽي ٿي پئي جنھن جي نتيجي ۾ 5 ڄڻا عبدالمجيد ميتلو، امجد ميتلو، عبدالغفار ميتلو، ذيشان سومرو ۽ سھيل سومرو  فوت ٿي ويا ھئا ۽ 9 ڄڻا زخمي ٿي پيا ھئا، ڳوٺاڻن موقعي تي پهچي ڪوچ ڊرائيور ۽ ڪلينر کي پڪڙي پوليس حوالي ڪيو ھو، حادثي جو ڪيس ڪوچ ڊرائيور ڪامران اعظم ۽ وقار تي داخل ڪرايو ھو، ٽنڊومستي ٿاڻي جي ايس ايڇ او ٻئي ڏينھن تي بااثر ماڻهن جي مداخلت تي جوابدارن کي رشوت وٺي آزاد ڪري ڇڏيو، هنن چيو ته ٽنڊومستي پوليس ڌمڪيون ڏئي رهي آهي ته ڪوچ ايس ايس پي جي ڀاء جي آھي، ڪوچ ڊرائيور سان ٺاھ ڪيو، هنن ڊي آءِ جي سکر، ايس ايس پي خيرپور ۽ ٻين کان مطالبو ڪيو ته انصاف ڪري ڪوچ ڊرائيور ۽ ڪلينر  کي گرفتار ڪري انصاف ڪيو وڃي.