ٽنڊو محمد خان(رپورٽر) ٽنڊي محمد خان جي مشترڪا ڪالوني ۾ مبينا طور 17 سالا نوجوان بلال پٽ خانا جان پٺاڻ پاڻ مٿان پستول جو فائر ڪري گهر جي اندر خودڪشي ڪري ڇڏي، اطلاع ملڻ تي پوليس لاش کي مشترڪا ڪالوني مان کڻائي اسپتال کڻائي آندو ، جتي وارثن پوسٽ مارٽم ڪرائڻ کان انڪار ڪيو ، وارثن خودڪشي جو واقعو قرار ڏيندي پوليس کي لکت ۾ بيان ڏنو ، جنهن کانپوءِ لاش وارث گهر کڻائي ويا ، واقعي بابت ڪو به ڪيس داخل نه ڪيو آهي، جڏهن ته خودڪسي جو ڪارڻ معلوم نه ٿي سگهيو آهي.