ٽنڊو محمد خان (رپورٽر) ٽنڊي محمد خان ۾ ڳوٺ امام بخش ڪورائي جي رهواسي مسمات  مسڪان ڪورائي ۽ سندس گهرواري محمد امين ڪورائي احتجاج ڪندي ڌانهيندي چيو آهي ته اسان ٻنهي پنهنجي مرضي سان ڪورٽ سڳوري ۾ حق نڪاح ڪيو آهي جنهن کانپوءِ اسان جا عزيز اسان جا جاني دشمن بڻجي ويا آهن ، اسان کي مارڻ لاءِ منصوبا بندي ڪري رهيا آهن مسڪان چيو ته منهنجو والد خادم ڪورائي ، عاشق ڪورائي ، علي گل ، مسمات نصرت ، مسمات ڪلثوم ڪورائي ، علي رضا ۽ ٻيا اسان ٻنهي زال مڙس کي قتل ڪرڻ چاهين ٿا جنهن ڪري اسان دربدري واري زندگي گذارڻ تي مجبور ٿي ويا آهيون ، هو اسان ڪنهن وقت به جان کان ماري ڇڏيندا ، هنن آئي جي سنڌ سميت اعلى اختيارن کان حياتين جي تحفظ جي اپيل ڪئي آهي . ٻئي پاسي تعلقي ٽنڊوغلام حيدر جي ڳوٺ لقمان خاصخيلي جي رهواسڻ مسمات فاطمه سهتو پنهنجي نياڻين سميت  پريس ڪلب ٽنڊو محمد خان ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي الزام لڳايو آهي ته علائقي جا بااثر لغاري برادري جا ماڻهون منظور لغاري ، مجاهد لغاري ، ممتاز لغاري ۽ ٻيا اسان کي ڳوٺ مان لڏائڻ ۽ اسان جي ذاتي ملڪيت واري زرعي زمين تي قبضو ڪرڻ لاءِ منهنجي گهرواري مٿان ڪوڙا ڪيس داخل ڪرائي رهيا آهن ۽ منهنجي گهر واري کي بناجواز پوليس هٿان گرفتار ڪرائي گم ڪرايو ويو ، هن چيو ته گذريل رات بااثر ڌر جي ماڻهن منهنجي گهر کي باهي ڏيئي ساڙي ڇڏيو ، جنهن جي فرياد داخل ڪرائڻ لاءِ ٽنڊو غلام حيدر  پوليس اسٽيشن تي وياسين ته ايس ايڇ او پاران ڪيس داخل ڪرڻ کان انڪار ڪندي اسان کي واپس موٽائي ڇڏيو ، هن چيو ته اسان غريڀ مسڪين آهيون اسان جي ڪوبه فرياد ٻڌڻ لاءِ تيار نه آهي بااثر ماڻهن مان جاني ۽ مالي خطرو آهي ، هن آئي جي سنڌ ، ڊي آئي جي حيدرآباد ، ايس ايس پي ٽنڊو محمد خان سميت اعلي اختيارين کان تحفظ ۽ انصاف جو مطالبو ڪيو آهي ۽ بااثر ماڻهن خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جي اپيل ڪئي آهي  .