ٽنڊو محمد خان ( رپورٽر ) ٽنڊي محمد خان ۾ گھر اندر زنجيرن سان جڪڙيل عورت بازياب ڪرائي وئي آهي. ان ڏس ۾ مشترڪه ڪالوني ۾ 50 سالا عورت مسمات آمنه چوهاڻ پنهنجي گهر اندر زنجير سان ٻڌڻ واري وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيڻ کانپوءِ پوليس عورت کي سندس گهر مان بازياب ڪرائي ٿاڻي تي وٺي آئي ، جنهن کانپوءِ قيد ڄاڻايل عورت پوليس وٽ پنهنجو بيان ڏنو آهي ته هُو ذهني توازن درست نه هجڻ جي ڪري پنهنجي گهر مان نڪري ويندي هئي جنهن جي ڪري سندس ڀاءُ کيس کٽ سان ٻڌي ڇڏيو هو ، جنهن کانپوءِ پوليس کيس ٿاڻي تي وٺي آئي آهي هن اهو به اعتراف ڪيو آهي ته سندس ذهني توازن بابت حيدرآباد جي گدو اسپتال مان علاج هلندڙ آهي ، هاڻي سندس طبعيت بهتر پڻ ٿي رهي آهي پر گهر مان نڪري وڃڻ جي ڪري مون کي زنجير سان ٻڌو ويو آهي ، سندس ڀاءُ عبدالخالق چوهاڻ پوليس وٽ اعتراف ڪيو آهي ته اسان جي ڀيڻ جو ذهني توازن درست ناهي ، 5 سال اڳ هن جو گهر وارو گذاري ويو هو ، هن کي 6 ٻار آهن جنهن مان ٻن نياڻين جي شادي ٿيل آهي ، اسين پورهيت خاندان سان تعلق رکون ٿا ، گهر کان پورهيي لاءِ ٻاهر نڪرندا آهيون ته اسان جي ڀيڻ رڙيون ڪري گهر مان نڪري ويندي آهي ، جيڪا مهينو ڏيڍ مهينو گم ٿي ويندي آهي مجبوري ۾ هن جي علاج ڪرائڻ سان گڏ کيس ٻڌو هو ، علاج مڪمل ٿيڻ کانپوءِ هن کي پنهنجي گهر ۾ ويهاري ڇڏينداسين ، ايس ايڇ او سٽي عمران چانڊيو جو چوڻ آهي ته ڄاڻايل عورت 50 سالن جي بيواھ آهي ، جنهن جو ذهني توازن اڃان تائين درست ناهي ، سندس مٽن مائٽن ۽ عورت جو بيان وٺي ڇڏيو آهي ، هاڻي وري کيس سندس گهر مان ٿاڻي تي وٺي اچڻ کانپوءِ واپس پنهنجي مائٽن حوالي ڪيو ويو آهي .