ٽنڊو محمد خان ( رپورٽر ) ٽنڊو محمد خان جي سول ۽ جوڊيشنل مئجسٽريٽ 2 جي عدالت ٽنڊوغلام حيدر ٿاڻي جي گهٽڪي مين پوڙي جي ڪرائيم نمبر 2023/95 ۾ گرفتار جوابدار فرحان علي ملاح کي ڏوھه ثابت ٿيڻ تي 3 سال قيد ۽ 2 لک رپين جي ڏنڊ جي سزا ٻڌائڻ جو حڪ ڏئي ڇڏيو آهي، ياد رهي ته ٽنڊوغلام حيدر پوليس چيڪنگ دوران ڪار مان 35200 سفينا گهٽڪا برآمد ڪري جوابدار فرحان ملاح کي ڪار سميت گرفتار ڪري گهٽڪا مين پوڙي ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪيو هو.