ٽنڊو محمد خان ( رپورٽر ) ٽنڊو محمد خان جي پيپلز ڪالوني ڀرسان سون پاري واري علائقي مان ڪيتري عرصي کان ويٺل رهواسين جا گهر خالي ڪرائڻ تي بلڊرز خلاف رهواسين سان گڏ سول سوسائٽي، قومپرست تنظيمن جي ڪارڪنن جوائنٽ ايڪشن ڪاميٽي جي اڳواڻ پير احمد سعيد جان سرهندي ، جسقم بشير قريشي جي ضلعي صدر ظهور هاليپوٽو ، جسقم آريسر جي سڪندر سنڌي ، علائقي جي رهواسين ذوهيب جمالي ، عظمي بروهي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهري کانپوءِ اسٽيشن روڊ تي علامتي بک هڙتال ڪئي وئي ، انهي موقعي تي اڳواڻن چيو ته سون پاري وارو علائقو ماضي ۾ صرف شهر جي ڊرينيج جي نيڪال جو مرڪز هو جنهن ۾ برساتي پاڻي پڻ نيڪال ڪيو ويندو هو ، جنهن کانپوءِ سون پاري تي غيرقانوني قبضا ڪري سون پاري جي شڪل تبديل ڪئي وئي آهي هاڻي وري سون پاري جي ڀرسان اڌ صدي کان مٿي ويٺل غريب مسڪين پورهيت طبقي سان تعلق رکندڙ رهواسين کي پنهنجي ٺهيل گهرن مان بي دخل ڪرڻ لاءِ بلڊرز مافيا جي بااثر غيرقانوني طور نيڪالي ڏيڻ لاءِ چڙهائي ڪئي آهي
جنهن ۾ گهرن ۾ خالي نه ڪرڻ تي کين زبردستي گهرن مان نيڪالي ڏيڻ ۽ مٿن ايف آءِ آر درج ڪرائڻ سان گڏ کين جاني مالي نقصان ڏيڻ لاءِ ڌمڪائي ۽ هيسائي رهيو آهي جنهن جي ڪري پورهيت مسڪين ماڻهن جي حياتين کي خطرو ٿي ويو آهي ، جنهن جي ڪري اعلى اختيارين کي فوري طور ان جو نوٽيس وٺڻ گهرجي، غريب مسڪين ماڻهن کي غيرقانوني طور گهرن مان نيڪالي ڏيارڻ جي ڪوشش ڪندڙ بلڊرز خلاف قانوني قدم کنيو وڃي ٻي صورت ۾ اڄ کان احتجاج جو سلسلو شروع ڪيو ويو آهي جيڪو هاڻي انصاف ملڻ تائين جاري رکيو ويندو .