ٽنڊو محمد خان(رپورٽر ) ٽنڊو محمد خان شهر جي اندر هڪ دفعو وري روڊن رستن تي ميونسپل انتظاميه جي لاپرواهي جي ڪري کليل گٽرن تي ڍڪ لڳائڻ ۾ ڪو به عملي قدم نه کنيو وڃي پيو ، جنهن ۾ امڪاني برساتن جي ڪري روڊن رستن تي برساتي پاڻي جمع ٿيڻ سان کليل گٽرن ۾ روڊن رستن تي ويندڙ شهري معصوم ٻار مرد توڙي عورتون گٽرن ۾ ڪري پنهنجون حياتيون وڃائي سگهن ٿا، جنهن جي باوجود ميونسپل انتظاميه طرفان فوري طور ڪو به انتظام نه ڪيو وڃي پيو ، کليل گٽرن جا ڍڪ نه هجڻ جي ڪري روڊ حادثا ٿيڻ به روز جو معمول بڻيل آهي، جنهن بابت شهري اتحاد جي صدر نور حسن کوکر ، جنرل سيڪريٽري علي بخش سومرو ، مير نسيم ٽالپر ، آصف چانڊيو ۽ ٻين چيو آهي ته ميونسپل ڪاميٽي جي ڪروڙين رپيا سالياني بجيٽ ۽ ملندڙ فنڊن باوجود ميونسپل ڪاميٽي جو نااهل چيئرمين سيد شاهنواز شاھه برسات جي امڪاني موسم ۽ محرم الحرام جي ويجهو هجڻ باوجود شهر مان گندگي جو آزار ختم ڪرائي نه سگهيو آهي، روڊن رستن تي گٽر کليل آهن جنهن جي ڪري ڪو به وڏو حادثو انساني حياتين لاءِ نقصانڪار ٿي سگهي ٿو ، سرعام روڊن تي گٽر کليل هجڻ باوجود انهن کي ڍڪ نه لڳايا وڃن پيا، جنهن جي ڪري ميونسپل ڪاميٽي جي نااهل چيئرمين سيد شاهنواز شاھه بخاري کي فوري طور سندس عهدي تان هٽايو وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج ڪيو ويندو . ٻي طرف ميونسپل ڪاميٽي جي سي ايم او اعجاز ملاح جو چوڻ آهي ته ميونسپل ڪاميٽي طرفان کليل گٽر بند ڪرايا ويا آهن، ڪجھه علائقن ۾ چور گٽرن جا ڍڪ چوري ڪري ويا آهن، جنهن سبب جلد کليل گٽرن تي ٻيهر ڍڪ لڳايا ويندا .