ٽنڊو محمد خان ( رپورٽر ) ٽنڊي محمد خان ۽ سيري ۾ شاگردن جي پوانئٽ بس تان ٿيل تڪرار تان پوليس اهلڪار جي ٽن شاگردن کي ڪيل مارڪٽ پوليس موبائيل ذريعي گرفتار ڪرڻ تي شاگردن ٽنڊو محمد خان ۾ ايس ايس پي آفيس آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي ، احتجاج ۾ شامل شاگرد اڳواڻن علي مرتضى هاليپوٽو، آڪاش خاصخيلي، شهزاد نوناري ۽ ٻين چيو ته سنڌ يونيورسٽي جي پوائنٽ ڪراسنگ واري معاملي تي سيري جي شاگردن ٽنڊو محمد خان جي شاگردن سان بدتميزي ڪئي، جنهن جو فيصلو اڃا هلي رهيو هو. ان دوران پوليس اهلڪار جنھن ٻن پوليس موبائلن ۾ سوار ٻين اھلڪارن سان چڙھائي ڪري شاگردن کي مارڪٽ ڪري کين بلاجواز گرفتار ڪري انهن سان سخت تشدد ڪيو آهي ، ھنن جو چوڻ هو ته جڏهن هو پنهنجي تعليمي سفر لاءِ نڪتا ته سيري جي شاگردن روڊ بلاڪ ڪري سندن رستا بند ڪري ٽنڊو محمد خان جي شاگردن کي سنڌ يونيورسٽي وڃڻ کان روڪيو ويو. شاگردن ان عمل کي پنهنجي تعليمي حق تي حملو قرار ڏيندي ان جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي.شاگردن جو اهو به چوڻ هو ته ٽنڊو محمد خان جي پوليس اهلڪارن جي بيجا مداخلت سبب هو پنهنجي تعليمي سفر کان محروم ٿيا، جيڪو سراسر ناانصافي آهي ، جنهن جي ڪري پوليس اهلڪار کي ڪيل گرفتاري ۽ تشدد جي واقعي سبب معطل ڪيو وڃي ، ٻي صورت ۾ احتجاج جاري رهندو ، بعد ۾ ڊي ايس پي احتجاج ۾ شامل شاگردن سان ڳالهيون ڪري کين ڳالهين ذريعي معاملي کي حل ڪرڻ جو يقين ڏياري ڌرڻو ختم ڪرائي ڇڏيو .