ٽنڊو محمد خان(رپورٽر) ٽنڊو محمد خان ۾ پوليس کاتي جي ٽيسٽ ۽ آءِ بي اي ٽيسٽ پاس ڪندڙ اميدوارن آفر آرڊر نه ملڻ خلاف مارچ  ڪري پريس ڪلب اڳيان احتجاجي  مظاهرا ڪيا آهن. تفصيل موجب پوليس کاتي جي ٽيسٽ پاس رهجي ويل اميدوارن شهر جي اسٽيشن روڊ کان احتجاجي جلوس ڪڍي پيادل مارچ ڪري پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ، احتجاج ۾ شامل ٽيسٽ پاس رهجي ويل اميدوارن فاطمه ، سيرت ، سورٺ ، عمران علي ، ثابت لغاري ، امير علي ، آفتاب بروهي ۽ ٻين چيو ته پوليس کاتي ۾ ٽيسٽ پاس ڪرڻ باوجود اسان کي آفر آرڊر نه ڏئي رهجي ويل لسٽ ۾ شامل ڪيو ويو آهي جيڪا قابليت اهليت سان ناانصافي آهي ، هنن مطالبو ڪيو ته پوليس کاتي جي اندر سيٽن کي وڌائي سمورن ٽيسٽ پاس رهجي ويل اميدوارن کي آفر آرڊر ڏنا وڃن ٻي صورت ۾ اسان مرڻ گهڙي تائين بک هڙتال ڪنداسين . ٻئي طرف   آئي بي اي ٽيسٽ 2023 ۾ پاس اميدوارن شهر جي الفتاح چوڪ کان پيادل احتجاجي جلوس ڪڍي پريس ڪلب آڏو مظاهرو ڪيو ، احتجاج ۾ شامل آئي بي اي ٽيسٽ اميدوار ايڪشن ڪميٽي جي اڳواڻن فيصل ميمڻ ، اويس عمراڻي ، بلال ٽالپر ، وسيم رضا ٽالپر ، منصور ميمڻ ، نسرين ، فرحت نظاماڻي ۽ ٻين چيو ته آئي بي اي ٽيسٽ ۾ سنڌ گورنمينٽ طرفان 40 پلس مارڪن تي آفر آرڊر ڏيڻ واري اعلان باوجود ٽنڊو محمد خان جي آئي بي اي ٽيسٽ پاس اميدوارن کي آفر آرڊر نه ڏئي سندن معاشي قتل ڪيو پيو وڃي هنن چيو ته بلڙي شاھ ڪريم ۽ ٽنڊوغلام حيدر سميت ٽنڊو محمد خان ۾ سيٽون خالي پيل آهن ، جنهن جي مڪمل ٿيڻ سان تعليم ترقي ڏانهن اڳتي وڌنڌي ، هنن وڏي وزير ۽ تعليم واري صوبائي وزير کي فوري طور ٽنڊو محمد خان ۾ آئي بي اي ٽيسٽ پاس اميدوارن کي اعلان ڪيل 40 پلس تي آفر آرڊر ڏنا وڃن ٻي صورت ۾ اسان جو احتجاج جاري رهندو .