ٽنڊومحمد خان (رپورٽ: امتياز مڱريو) ٽنڊومحمد خان ۾ ننڍي ڀاءُ پلاٽ جي تڪرار تان پنهنجي وڏي ڀاءُ کي گولي هڻي قتل ڪري ڇڏيو، ان ڏس ۾ شهر ڀرسان ڳوٺ حسين خان لغاري ۾ پلاٽ تڪرار تان ننڍي ڀاءُ محمد بخش ٽنگڙي پنهنجي وڏي ڀاءُ ڌڻي بخش ٽنگڙي کي گولي هڻي قتل ڪري ڇڏيو، واقعي واري هنڌ پوليس پهچي مقتول نوجوان جو لاش اسپتال منتقل ڪيو، جتان ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو، ان حوالي سان مقتول جي ڀاءُ رسول بخش ٽنگڙي ٻڌايو ته پلاٽ مامري تان ڀائرن ۾ تڪرار هلندڙ هو، جنهن تان اڄ ڀاءُ وڏي ڀاءُ کي قتل ڪيو آهي، پوليس موجب ته ٻنهي ڀائرن وچ ۾ پلاٽ جو تڪرار هلندڙ هو ، جنهن تان اڄ هن پنهنجي وڏي ڀاءُ کي گوليون هڻي قتل ڪيو آهي ، ان حوالي سان سٽي ٿاڻي جي وڏي منشي سيد ظهير شاھ پنهنجي اخبار کي ٻڌايو ته اسان وٽ اڃا  قتل ٿي ويل نوجوان جا وارث ٿاڻي تي نه پهتا آهن، وارثن جو چوڻ آهي ته لاش دفنائڻ بعد ٿاڻي تي اچي ڪيس داخل ڪرائيندا ، پوليس موجب جوابدار جي گرفتاري لاءِ پوليس پاران مختلف هنڌن تي ڇاپا هنيا پيا وڃن.