ٽنڊو محمد خان(رپورٽر ) ٽنڊو محمد خان ۾ پيئڻ جي پاڻي جي بحران ، واٽر سپلائي اسڪيمن مان پاڻي جي فراهمي معطل هجڻ خلاف جوائنٽ ايڪشن ڪميٽي، سول سوسائٽي جي طرفان اڄ ميونسپل آفيس ٽنڊو محمد خان آڏو ڌرڻي جو اعلان ڪيو ويو آهي ، جوائنٽ ايڪشن ڪميٽي جي اڳواڻ ڊاڪٽر جي ايم گل ۽ ٻين چيو آهي ته انتهائي افسوس جو مقام آهي ته ٽنڊو محمد خان جي 7 لک کان وڌيڪ آبادي باوجود ٽنڊو محمد خان شهر ۽ ننڍن وڏن شهرن ۾ ڪيتري ئي عرصي کان پيئڻ جي پاڻي جو بحران هجڻ باوجود علائقي مان چونڊيل عوامي نمائندن ان طرف ڪو به توجه نه ڏنو آهي ٽنڊو محمد خان شهر جي ٻن واٽر سپلاءِ اسڪيمن جي مرمت لاءِ ڪروڙين روپين جي اسڪيمن باوجود مڪمل تعمير ٿي نه سگهيون آهن جنهن جو ڪم رولڙي جو شڪار آهي ، شهري علائقي ۾ واٽر سپلاءِ جي اسڪيمن جا پائپ لائين مڪمل ناڪارا ٿي ويا آهن واٽر سپلاءِ اسڪيمن جي پائپ پائينن جون لائينون گٽرن جي پاڻي سان ملي ويون آهن جنهن جي ڪري شهري گندو پاڻي پيئڻ تي مجبور ٿي رهيا آهن پر هاڻي ڪجھ ڏينهن کان انهن اسڪيمن مان پاڻي جي فراهمي ڪيترن ڏينهن کان معطل ڪئي وئي آهي شهر جي اڪثر علائقن ۾ واٽر سپلاءِ جو پاڻي فراهم ٿي نه رهيو آهي ميونسپل انتظاميه توڙي چونڊيل عوامي نمائندن جي بي توجه لاپرواهي جي ڪري شهري پيئڻ جي پاڻي کان محروم ٿي رهيا آهن جيڪو اڄ جي جديد دور لاءِ انساني حقن جي لتاڙ آهي جنهن جي خلاف اڄ 21 مئي اربع واري ڏينهن صبح 11هين وڳي جوائنٽ ايڪشن ڪميٽي ، سول سوسائٽي سياسي سماجي مذهبي تنظيمن ۽ شهري حلقن جي طرفان گڏيل ميونسپل آفيس جي مين گيٽ آڏو ڌرڻو هنيو ويندو جيڪو ڌرڻو پاڻي جي فراهمي جي بحالي تائين جاري رکيو ويندو .