ٽنڊو محمد خان(رپورٽ: امتياز مڱريو) ٽنڊو محمد خان جي شهري علائقي ۾ واٽر سپلائي جي اسڪيم مان پاڻي جي فراهمي متاثر ٿيڻ لڳي آهي، ٽالپر ڪالوني، پير پاڙو ۽ ٻين علائقن جون واٽر سپلائي پائپ لائينون بند هجڻ ڪري ٻن هفتن کان پاڻي جي فراهمي بند آهي، شهرين احتجاج جو چتاءُ ڏئي ڇڏيو ، ٻڌايو پيو وڃي ته ٽالپر ڪالوني، پير پاڙي جون واٽر سپلائي لائينون ڳچ عرصي کان تبديل نه ٿيڻ جي ڪري ناڪارا بڻجي بند ٿي ويون آهن، جنهن سان شهري حلقن ۾ سخت ڪاوڙ جي لهر ڇائنجي وئي آهي، شهري پنهنجي گهرن جي اندر پاڻي جي فراهمي نه هجڻ ڪري سخت پريشاني جو شڪار ٿي رهيا آهن، جنهن ۾ پاڻي جي خريداري لاءِ پنهنجا ذاتي پئسا ڏئي پاڻي خريد ڪرڻ تي مجبور آهن، شهري حلقن سماجي اڳواڻ عبدالحفيظ سٺيو ، عبدلباري، غلام علي ۽ ٻين جو چوڻ آهي ته تمام گهڻو الميو آهي ته ٽنڊو محمد خان جي 7 لک انساني آبادي ۾ واٽر سپلائي توڙي فلٽر پلانٽ جون اسڪيمون ناڪارا بڻيل آهن، جنهن ۾ شهر جي اندر پيئڻ جي پاڻي جو بحران شدت اختيار ڪري ويو آهي، جنهن ۾ برهان شاھ واري واٽر سپلائي اسڪيم گذريل 50 سال گذرڻ باوجود مڪمل نئين سر تعمير نه ٿيڻ جي ڪري اڪثر اسڪيم مان پاڻي جي فراهمي متاثر رهي ٿي ، جنهن بابت علائقي جي شهرين جو اهو به چوڻ آهي ته ٽنڊو محمد خان جي تمام وڏي آبادي باوجود ڪيتري عرصي کان پيئڻ جي پاڻي جو بحران موجود آهي جنهن ۾ واٽر سپلائي جون اسڪيمن جي مرمت وارا ڪم مڪمل نه ٿيڻ جي ڪري اسڪيمون ناڪارا بڻيل آهن، شهري حلقن چتاءُ ڏنو آهي ته فوري طور واٽر سپلائي جي اسڪيمن مان ٽالپر ڪالوني، پير پاڙي جي بند پيل لائينن کي بحال ڪري پاڻي جي فراهمي شروع نه ڪئي وئي ته شهري سخت احتجاج ڪندا ، هوڏانهن واٽر سپلائي اسڪيم جي انچارج وسيم ميمڻ پنهنجي اخبار سان ڳالهائيندي چيو آهي ته طوفاني هوائن سبب ڪافي جڳهن تي ٿنڀا ڪرڻ جي ڪري واٽر سپلائي اسڪيم جو پاڻي رڪجي ويو هو، پر اڄ کان باقائده واٽر سپلائي اسڪيم وارو پاڻي شهرين کي مهيا ڪري ڏنو پيو وڃي.