ٽنڊو محمد خان (رپورٽر) ٽنڊو محمد خان جي گورنمينٽ هاءِ اسڪول جي گرائونڊ تي پھريون مرحوم شڪيل احمد ڀٽي ٽيپ بال ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ جو افتتاح سنڌ ترقي پسند پارٽي جي ضلعي صدر اقبال حاجاڻو ، تپيدار عادل قادر ڀٽي ، يوٿ اڳواڻ عديل ڀٽي ، سماجي اڳواڻ زين ميمڻ، آفتاب پلي، راجا غلام مصطفى سولنگي ۽ ٻين ڪيو ، ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ جا چيف آرگنائيزر عادل بوزدار، آرگنائيزر عرفان ڀٽي، آصف ڀٽي، يونس منصوري، ساجد سرهيو، ايل ون پطرس هئا، ٽورنامينٽ جو پهريون افتتاحي ميچ مقبول اسپورٽس ۽ ڀٽي اليون وچ ۾ ٿيو جنهن ۾ پهرين بيٽنگ ڪندي مقبول اسپورٽس مقرره 8 اوورن ۾ 105 رنسن جو ٽارگيٽ ڏنو، ٻي بيٽنگ ڪندي ڀٽي اليون مليل هدف 7 اوورن ۾ پورو ڪري مئچ پنهنجي نالي ڪري ورتو، جنهن ۾ رانديگر محمد عامر 63 رنسون ٺاهي مين آف مئچ رهيو، ان موقعي تي آيل مهمانن ۽ آرگنائيزرن چيو ته رانديون صحتمند معاشري جو اهڃاڻ آهن، رانديون معاشري جي خوشي جو عڪس ھونديون آھن جتي رانديون ٿينديون آھن، ان کي صحتمند معاشرو يا علائقو سمجھيو ويندو آھي.