ٽنڊومحمد خان (رپورٽ: امتياز مڱريو) عام چونڊن ۾ باقي 5 ڏينهن رهجي ويا، ٽنڊو محمد خان ضلعي جي هڪ قومي ۽ ٻن صوبائي تڪن تي پ پ ۽ آزاد اميدوار ميدان ۾ لٿل، ٻنهي صوبائي سيٽن تي زبرست مقابلي جا امڪان، پي ايس 66 تي پ پ اميدوار سيد اعجاز شاھ بخاري ۽ آزاد اميدوارن پير احمد سعيد جان سرهندي ۽ الطاف نظاماڻي وچ ۾ سخت مقابلو ، پي ايس 67 تي پ پ جي خرم ڪريم  سومرو ، خادمين سنڌ جي ڊاڪٽر قادر مگسي ۽ آزاد اميدوار عبدالرحيم ڪاتيار وچ ۾ مقابلي جا چٽا امڪان. ان ڏس ۾ ضلعي ۾ اڳوڻي 2018 واري ٿيندڙ چونڊن ۾ پيپلز پارٽي جي سخت مخالف ڪندڙ ۽ چونڊن ۾ بيهندڙ ڪيترن ئي اميدوارن پيپلز پارٽي ۾ شموليت ڪري ڇڏي، اين اي 221 تي پيپلز پارٽي جي ساڳئي نامزد اميدوار سيد نويد قمر جيڪو 7 دفعا ساڳئي تڪ تان ايم اين اي چونڊجي چڪو آهي، هن ڀيري ضلعي جي اين اي 221 تي پ پ اميدوار سيد نويد قمر ، جي ڊي اي جي مير علي نواز ، پاڪستان تحريڪ انصاف جو حمايت يافته اميدوار ڊاڪٽر عرفان نظاماڻي ، خادمين سنڌ پارٽي جي ڊاڪٽر احمد نوناري، آزاد اميدوار لال بخش ملاح ، تحريڪ لبيڪ جي محمد امين ، پي ٽي آءِ  جي حمايت يافته آزاد اميدوار عبدالجبار ميمڻ وچ ۾ مقابلي ٿيڻ جا امڪان آهن. هن ڀيري هن حلق ۾ ڪجھه صورتحال ڦيرو کاڌو آهي ۽ جي مير علي نواز ٽالپر ساڳئي تڪ اين اي 221 تان پنهنجي نامزدگي فارم جمع ته ڪرايا آهن پر چونڊن ۾ 5 ڏينهن وڃي بچيا آهن پر اڃان تائين هڪ به چونڊ مهم واري جلسي ۾ شامل ناهي ٿي سگهيو. صوبائي تڪ پي ايس 66 تي پ پ جي سيد اعجاز حسين شاھ بخاري جيڪو پڻ ٽيون ڀيرو ساڳئي تڪ تان چونڊ وڙهي رهيو آهي، سندس مقابلو آزاد اميدوارن پير احمد سعيد جان سرهندي ۽ الطاف نظاماڻي وچ ۾ آهي. صوبائي تڪ پي ايس 67 بلڙي شاھ ڪريم تي پيپلز پارٽي هن ڀيري اڳوڻي ايم پي اي عبدالڪريم سومرو جي فرزند پ پ ضلعي جنرل سيڪريٽري خرم ڪريم سومرو کي پارٽي ٽڪيٽ ڏني آهي جنهن جي سامهون پهريون ڀيرو سنڌ ترقي پسند پارٽي جو سربراھ ڊاڪٽر قادر مگسي خادمين سنڌ جي پليٽفارم تان چونڊ وڙهي رهيو آهي.