ٽنڊي محمد خان ۾ همراهه جي مهانگائي سبب خودڪشي

0
18
ٽنڊي محمد خان ۾ همراهه جي مهانگائي سبب خودڪشي
ٽنڊي محمد خان ۾ همراهه جي مهانگائي سبب خودڪشي

ٽنڊو محمد خان(رپورٽر ) ٽنڊو محمد خان شهر جي ٽالپر ٽائون جو رهواسي چنگچي رڪشا هلائيندڙ 35 سالا نوجوان مير محمد ماڇي پنهنجي گهر جي ڪمري ۾ مبينا طور ڦاهو کائي آپگهات ڪري پنهنجي زندگي جو ڏيئو اجهائي ڇڏيو ، فوتي جون 2 شاديون ٿيل هيون ، جنهن ۾ کيس هڪ زال مان پٽ جو اولاد هو ، جنهن ۾ سندس ڪالوني ۾ اهو به چوٻول هو ته آپگهات ڪندڙ نوجوان پنهنجي هڪ زال کان ناراض هو، جيڪا سندس گهر ڇڏي پنهنجي مائٽن ۾ رهائش اختيار ڪري ورتي هئي ، مهانگائي غربت مفلسي کان تنگ اچي نيٺ پنهنجي گهر جي اندر ڦاهو کاهي پنهنجي زندگي جو ڏيئو هميشه لاءِ اجهائي ويو ، آپگهات ڪندڙ نوجوان جو لاش پوليس گهر مان کڻائي پوسٽ مارٽم لاءِ ٽنڊو محمد خان جي سرڪاري اسپتال ۾ پهچايو، جتي وارثن لاش جو پوسٽ مارٽم ڪرائڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو ، پوليس وارثن جي ورتل بيانن کان پوءِ بنا پوسٽ مارٽم جي لاش وارثن حوالي ڪري ڇڏيو ، وارث لاش ابائي ڳوٺ هوسڙي کڻائي ويا. پوليس جو چوڻ آهي ته فوتي رڪشا هلائيندڙ هو هن غربت مفلسي کان تنگ اچي آپگهات ڪيو آهي جيڪو بيان سندس وارثن پوليس وٽ لکت ۾ ڏنو آهي ۽ بنا پوسٽ مارٽم جي لاش کي پاڻ سان گڏ هوسڙي کڻائي ويا.