ٽنڊو محمد خان(رپورٽر) ٽنڊو محمد خان شهر جي انور ڪالوني جو رهواسي 11 سالا معصوم نينگر شاهنواز ٽنگڙي کي نامعلوم وحشي صفت درندن انتهائي بيدردي سان تشدد جو نشانو بڻائي سندس جسم تي سگريٽ جا ڏنب هڻي کيس ايزائڻ سان گڏ مبينا طور بدفعلي جو شڪار بڻائي بس اسٽاپ تي بيهوشي جي حالت ۾ ڇڏي فرار ٿي ويا ، شهرين جي اطلاع تي پوليس معصوم نينگر کي بيهوشي جي حالت ۾ ٽنڊو محمد خان جي سرڪاري اسپتال پهچايو ، جتي نينگر جي طبي علاج کانپوءِ کيس هوش ۾ آندو ويو ، ڊاڪٽرن جو چوڻ آهي ته نينگر جي جسم تي تشدد جا نشان واضع طور موجود آهن جنهن ۾ نينگر سان بدفعلي ڪئي وئي آهي يا نه ، ان بابت ميڊيڪل جي رپورٽ اچڻ کانپوءِ تصديق ڪري سگهجي ٿي ، بي سيڪشن پوليس واقعي بابت ڪو به ڪيس داخل نه ڪيو آهي نه وري ڪا گرفتاري عمل ۾ آندي وئي آهي ، سرڪاري اسپتال ٽنڊو محمد خان مان معصوم نينگر جي ڪيل طبي علاج کانپوءِ کيس وڌيڪ علاج لاءِ حيدرآباد جي سول اسپتال داخل ڪيو ويو آهي ، ايس ايڇ او بي سيڪشن ظهور نوناري جو چوڻ آهي ته نينگر جي علاج لاءِ کيس حيدرآباد موڪلڻ جي ڪري اڃان تائين پوليس ڪو به بيان وٺي نه سگهي آهي ، ايس ايس پي ٽنڊو محمد خان عابد بلوچ واقعي جو سخت نوٽيس ورتو آهي ، جڏهن ته پوليس جي ڪا به گرفتاري عمل ۾ نه آڻڻ تي وارثن جي طرفان سخت رد عمل ظاهر ڪيو وڃي پيو ، معصوم نينگر جي پورهيت والد محمد علي ٽنگڙي جو چوڻ آهي ته اسان سان تمام وڏو ناحق ظلم ٿيو آهي ، معصوم نينگر کي 17 ڏينهن اڳ ٽنڊو محمد خان جي بس اسٽاپ تان اغوا ڪيو ويو هو جنهن کي وحشي صفت درندن انتهائي بيدردي سان تشدد جو نشانو بڻائي پنهنجي حوس لاءِ بدفعلي ڪئي آهي ۽ کيس مرڻينگ جي حالت ۾ بيهوش ڪري بس اسٽاپ تي ڦٽو ڪري فرار ٿي ويا هئا ، اسان پوليس کي واقعي بابت تفصيل ڏنا آهن پر پوليس ڪو به ڪيس داخل ڪري نه سگهي آهي ، اسان جو فرياد نه ورتو ويو ۽ جوابدار گرفتار نه ڪيا ويا ته اسان وري ٻيهر احتجاج ڪنداسين .