ٽنڊو محمد خان ( رپورٽر) ٽنڊي محمد خان شهر جي بئراج ڪالوني واري گورنمينٽ گرلس پرائمري اسڪول جي عمارت جي دروازن جا نامعلوم چورن تالا ٽوڙي اندر داخل ٿي لکين روپين جي ماليت جو سولر سسٽم ، بيٽريون ، قيمتي سامان چوري ڪري آساني سان فرار ٿي ويا ، اسڪول انتظاميه جو چوڻ آهي ته گذريل رات نامعلوم چورن گرلس پرائمري اسڪول جي عمارت مان لکين روپين جي ماليت جو سولر سسٽم ، بيٽريون سامان چوري ڪري اسڪول جي اندر تعليم حاصل ڪندڙ شاگردياڻين کي بجلي جي سهوليت کان سخت گرمي ۾ محروم ڪري ڇڏيو آهي جنهن ۾ عمارت جي اندر بلب ۽ سول سسٽم نه هجڻ جي ڪري اونداهو ڇانيل آهي ، شاگردياڻين جي تعليم سخت متاثر ٿي رهي آهي ، جنهن جو اعلى اختيارين کي فوري طور نوٽيس وٺڻ گهرجي ، چوري ڪيل سامان واپس ڪرايو وڃي ، اسڪول جي شاگردياڻين چوري واري واردات جي خلاف ٽنڊو محمد خان ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي ، ايس ايس پي ٽنڊو محمد خان کان مطالبو ڪيو آهي ته سرڪاري گرلس پرائمري اسڪول جي عمارت مان چوري واري واردات جو نه صرف نوٽيس ورتو وڃي پر جوابدارن کي گرفتار ڪري سندن خلاف لکين روپين جي چوري جي ايف آءِ آر داخل ڪرائي وڃي ٻي صورت ۾ اسان روڊن رستن تي اچي ڌرڻا هڻڻ تي مجبور ٿي وينديوسين . ياد رهي ته ٽنڊو محمد خان ۾ چوري جي وارداتن ۾ اضافو اچي ويو آهي اگهور ننڊ ۾ ستل پوليس چورين جي وارداتن کي روڪڻ ۾ ناڪام ٿي وئي آهي .