ٽنڊو محمد خان(رپورٽر( ٽنڊو محمد خان ۾ لطيفي آرٽس ڪائونسل جو قيام عمل آڻي علائقي جي نوجوانن کي علمي ادبي، ثقافتي، فن سان روشناس ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي ، ٽنڊو محمد خان ۾ لطيفي آرٽس ڪائونسل آڊيٽوريم هال ۾ منعقد ڪيل تقريب کي لياقت ميڊيڪل يونيورسٽي جي اڳوڻي وائيس چانسلر ڊاڪٽر جان محمد ميمڻ مخاطب ٿيندي چيو ته سنڌي ادب ۾ آرٽس لاءِ تمام گهڻي جاکوڙ جي اهم ضرورت آهي جنهن لاءِ پهريون دفعو لطيفي آرٽس ڪائونسل جي قيام سان نوجوان تمام گهڻو شعوري طور پنهنجي روشن مستقبل جي راھ لاءِ اڳتي وڌي سگهندا، تقريب کي ناليواري ليکڪ ڊاڪٽر انور علي عالماڻي مخاطب ٿيندي چيو ته سنڌي ادب جو تمام وڏو خزانو موجود آهي جنهن سان نوجوان پنهنجي ادب جي سڃاڻپ کي پرکي سگهن ٿا ، جنهن ۾ کين ادبي ڄاڻ جي ضرورت آهي ، لطيفي آرٽس جي اندر ادب کي وڌيڪ فوقيت ڏيڻ لاءِ ادبي لائبريري، علمي، ثقافتي ۽ فن کي اجاگر ڪرڻ جو موقعو فراهم ڪيو ويندو ته نوجوان پنهنجي شعوري سگهه کي اڳتي وڌائي سگهن ته جيئن سندن مستقبل روشناس ٿي سگهي، تقريب کي ڊپٽي ڊائريڪٽر ڪاليج حيدرآباد ريجن پير غلام رسول خطاب ڪندي چيو ته لطيفي آرٽس واري شعبي سان شاھ لطيف جي لافاني فڪر جي پرچار کي اڳتي وڌائي سگهجي ٿو ، تقريب کي ڊپٽي ڊائريڪٽر سوشل ويلفيئر نعيم سومرو مخاطب ٿيندي چيو ته لطيفي آرٽس جي هن ڪائونسل سان پهريون دفعو نوجوان شاھ لطيف جي عظيم تصوف واري فڪر کي سمجهي ان مان ڄاڻ حاصل ڪري سگهندا ، شاھ لطيف جو فڪر تمام وڏو مهان آهي جنهن ۾ ڄاڻ لاءِ وسيع علم موجود آهي ، تقريب کي تاريخدان ليکڪ مشڪور ڦلڪارو مخاطب ٿيندي چيو ته شاھ لطيف جي شاعري انقلاب جو روپ آهي جنهن ۾ پنهنجي وطن سان محبت جو اظهار ڪيل آهي ته وري وطن تي ڪنهن به غير جي حملي کي قبول نه ڪرڻ لاءِ اعلان جنگ جو تصور آهي ، تقريب کي شاعر نثار احمد ناز، سماجي اڳواڻ عبدالحفيظ سٺيو، محمد علي مهيري، ليکڪه زيب نظاماڻي، پروفيسر الهڏنو درس، شاعر نوشاد ڀٽي، پروفيسر رسول بخش ڀرڳڙي، شاعر محمد جمن جانب سومرو ۽ ٻين پڻ خطاب ڪندي لطيفي آرٽس ڪائونسل کي لطيف جي فڪر کي پوري دنيا لاءِ انسان دوست تصور قرار ڏنو. لطيفي آرٽس ڪائونسل جي تقريب ۾ مخدوم بلاول ڪاليج، دارالعلوم هاءِ اسڪول گرلس ۽ بوائز جي شاگردن شاگردياڻين ٽيبلوز، ثقافتي راندين ۾ حصو ورتو ۽ انعام حاصل ڪيا، تقريب ۾ لوڪ فنڪارن جان بلاولي، مدثر بهراڻي ۽ ٻين پنهنجي فن جو مظاهرو ڪري داد حاصل ڪيو .