ٽنڊو محمد خان (رپورٽر) ٽنڊو محمد خان جي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج جي عدالت چرس وڪرو ڪرڻ جو ڏوھ ثابت ٿيڻ تي عورت مسمات عائشه عرف آنٽي راجپوت کي 3 سال پروبيشن سزا ڏيڻ جو حڪم ٻڌائي ڇڏيو آهي ، ٽنڊو محمد خان جي سٽي ٿاڻي تي مذڪوره عورت خلاف منشيات ايڪٽ تحت 11 سيپٽمبر 2024 تي ڪيس درج ٿيل هو جنهن ۾ اڄ کيس 3 سال پروبيشن سزا ٻڌائي وئي آهي .