ٽنڊو محمد خان (ن پ ا) ٽنڊو محمد خان ۾ محرم الحرام جي سلسلي ۾ مجلسن  ، ماتمي جلوسن ۽ عزادارين جو سلسلو جاري آهي. 6 محرم الحرام جي موقعي تي مير جي پڙ مان جهنڊن جو پڙ ، ڳوٺ جمعي خاصخيلي مان ماتمي جلوس ، نٿو جو پڙ ۽ ٻين علائقن مان ماتمي جلوس ۽ ذوالجناح برآمد ڪيا ويا . مير واري پڙ ۾ مرڪزي انجمن الحسيني پاران مجلس عزا منعقد ڪئي وئي . مجلس عزا جي فورن بعد شب عزاداري منعقد ٿي . جنهن کي ملڪ جي مشهور نوحه خوان حسن صادق ، ضامن علي ، مير پيريو سميت سنڌ جي مختلف ضلعن حيدرآباد ، ٽنڊو الهيار ، بدين ، سجاول ، ٺٽو ، مير پور خاص سميت ٻين علائقن مان ماتمي انجمنن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪري نوحه خواني ڪئي.