ٽنڊو محمد خان(رپورٽر ) سنڌ جي عظيم صوفي بزرگ سيد سخي شاھه ديوانو سلطان هاشمي جي 793هين عرس مبارڪ ميلي جو ڏهاڙو بدين ضلعي جي ٽنڊوغلام علي ڀرسان درگاھه تي هر سال وانگر صوفياڻي طريقي ملهايو ويو، درگاھه جي اڱڻ ۾ صوفياڻيون ڪچهريون نعت خواني، مالود شريف جون محفلون ڪرايون ويون جنهن ۾ درگاھه جي سنڀاليندڙ فقير دلشاد دلبر مستانو پنهنجي مريدن عقيدتمندن سان درگاھ تي اچي چادر چاڙهي سنڌ، پاڪستان جي سلامتي لاءِ اجتماعي دعا گهري وئي، جنهن ۾ ملڪ جي اندر وڌنڌڙ مهانگائي¸بيروزگاري، بدحالي، بدامني، اغوا جي واقعن، معصوم نياڻي پريا ڪماري جي بازيابي، سنڌ جي اغوا ٿيل مغوين جي بازيابي سميت ملڪ جي ترقي خوشحالي لاءِ دعائون گهريون ويون، انهي موقعي تي درگاھه جي سنڀاليندڙ فقير دلشاد دلبر مستانو چيو ته سنڌ هميشه امن واري ڌرتي جي تصور طور پوري دنيا ۾ پنهنجي الڳ صوفياڻي نظريي تحت سڃاڻپ رکي آهي، سيد سخي شاھ ديوانو سلطان هاشمي پنهنجي صوفياڻي تصور سان انسانيت جي خدمت کي سڀ کان وڏي عبادت طور پرچار ڪئي، جنهن جي ڪري سندس مريدن ۾ هندو ۽ مسلمان وڏي انگ تحت سڄي دنيا جي اندر موجود آهن، جيڪا سنڌ جي انسان دوست صوفي ازم جي سڃاڻپ آهي، سنڌو درياءَ تي 6 نوان تڪراري ڪئنال قائم ڪرڻ پاڻي جي عالمي سطح تي ورڇ جي خلاف ورزي آهي، جنهن ۾ ڪنهن به قانون تحت هڪ صوبو ٻي صوبي جي تباهي آڻڻ لاءِ پنهنجي بنجر زمين کي آباد ڪري ٻي صوبي جي سموري زمين کي بنجر بڻائي نٿو سگهي، جنهن جي ڪري سنڌو درياءَ تي ڪو به ڪئنال نه ٺهڻ گهرجي ، انهي موقعي تي هن سنڌ ۽ پاڪستان جي عوام لاءِ سندن روشن مستقبل لاءِ پڻ دعا ڪرائي . ميلي جي ڏهاري جي موقعي تي سنڌ جي مختلف علائقن سان گڏ ملڪ جي ٻين صوبن مان پڻ وڏي تعداد ۾ مريدن عقيدتمندن شرڪت ڪئي .