ٽنڊو محمد خان(رپورٽر) ٽنڊو محمد خان ۾ سنڌي ادبي سنگت شاخ پاران سنڌي ٻولي جي نامياري شاعر عاشق علي ڳاهوسان رهاڻ ملهائي وئي، ۽ مير غلام الله ٽالپر لٽرري گولڊ ميڊل ۽ مڃتا ايوارڊ ڏنو ويو ، ان موقعي تي سنڌي ادبي سنگت جي مرڪزي خزانچي شبير سيال، مرڪزي جوائنٽ سيڪريٽري احساس ميرل، پروفيسر مٺل جسڪاڻي، اديب ڊاڪٽر قادر بخش مگسي، تاريخدان مشڪور ڦلڪارو، خاڪي جاني، سياسي سماجي اڳواڻ مير ڪاظم رضا ٽالپر، محبوب سنڌي، سنڌي ادبي سنگت جي اڳوڻي مرڪزي اڳواڻ اعظم ڀٽي، ساس شاخ ٽنڊو محمد خان جي سيڪريٽري اعجاز علي جسڪاڻي، شاعر آغا جان آغا، رفيق آس لغاري، نثار ناز، مسافر هاليپوٽو ، شاعر عبدالستار آڪاش ٽکڙائي، ساگر سڪندر پسيو ، عمران حفيظ ڳنڀير ، شاعر علي اصغر ڀٽي، ڊاڪٽر جمال ناصر سولنگي، ومل کيمچند شرما ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته عاشق ڳاهو فطرت جو شاعر آهي، سندس شاعري ۾ هر هنڌ منظرنگاري جا جلوا پسجن ٿا، سندس نثر توڙي اردو شاعري به شاندار آهي، عاشق ڳاهو پنهنجي تخليقن ۾ جيئندڙ پورهيت تخليقڪار آهي، هنن چيو ته مان ۽ مرتبو ماڻڻ لاءِ ماڻهن جون عمريون گذري وينديون آهن پر تخليقڪار پنهنجي ڏات وسيلي مختصر عرصي ۾ ئي مان ۽ مرتبو حاصل ڪري وٺندا آهن، جيئن اڄ عاشق علي ڳاهو کي اهو مرتبو مليو آهي ، هنن چيو ته عاشق ڳاهي جي فڪر ۽ تخيل ۾ سندس حقيقي سنڌ ، سنڌ جا مظلوم مارو ۽ ڌرتيءَ جا درد سمايل آهن ، عاشق ڳاهو ، مزاحمت جو ، دردن جو ، رومانس جو ، فطرت جو ، سونهن جو ، ڪائناتي رنگن جي مشاهدي جو شاعر آهي، سندس تخليق کي جيئندان مليل آهي، تقريب کي خطاب ڪندي سنڌي ٻولي جي خوبصورت شاعر عاشق علي ڳاهو چيو ته آئون پورهيت ليکڪ آهيان مونکي شاعري محبت ۽ عزت ڏياري آهي، منهنجي ڏات مونکي گهڻو ڪجهه ڏنو آهي تقريب ۾ سنڌي ادبي سنگت ضلعي بدين، سورمي سٿ بدين پاران کيس مڃتا سرٽيفڪيٽ سميت ڪتاب ۽ ٻيا تحفا پڻ ڏنا ويا، تقريب ۾ سنڌ جي مختلف علائقن مان وڏي تعداد ۾ اديبن ، ليکڪن، ساڃاهه وندن شرڪت ڪئي .