ٽنڊو محمد خان (رپورٽر) ٽنڊي محمد خان ۾ سڀاڻي ضمني مڪاني چونڊ ٿي رهي آهي. يونين ڪائونسل سعيد خان لنڊ جي ضلعي ميمبر ، يوسي لال محموداڻي جي وارڊ ڪائونسلر جي خالي سيٽ تي چونڊ مرحلي ۾ تحريڪ لبيڪ طرفان سرڪاري مشينري ذريعي ووٽرس کي حراسان ڪرڻ جو الزام لڳايو ويو آهي ، ٽنڊو محمد خان پريس ڪلب ۾ تحريڪ لبيڪ جي اڳواڻ پير محمد علي جان سرهندي ، امين نواز قادري ، ضلعي ڪائونسل ميمبر لاءِ اميدوار عبدالحميد ترڪ پريس ڪانفرنس ڪندي ڄاڻايو آهي ته يونين ڪائونسل سعيد خان لنڊ جي 7 پولنگ اسٽيشن ۽ يونين ڪائونسل لال محموداڻي جي ٻن پولنگ اسٽيشنن تي سرڪاري مشينري ذريعي عملو مقرر ڪري پنهنجي حڪومتي اثر رسوخ سان ووٽرس تي سياسي دٻاءُ وڌو وڃي پيو جنهن ۾ ڌانڌلي ذريعي من پسند نتيجا حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي پئي ، چونڊن وارا علائقا عوام جي بنيادي سهوليتن کان محروم اهڙا علائقا آهن جنهن ۾ عوام کي پيئڻ جي صاف پاڻي ، تعليم ، صحت ، روڊن رستن جي ڪا به سهوليت فراهم نه ڪئي وئي آهي. ياد رهي ته سڀاڻي خميس واري ڏينهن يونين ڪائونسل سعيد خان لنڊ ۾ ضلعي ڪائونسل جي ميمبر جي خالي پيل سيٽ ۽ يونين ڪائونسل لال محموداڻي جي وارڊ جي ڪائونسلر جي خالي پيل سيٽ تي اليڪشن ڪميشن طرفان چونڊن جو شيڊول ظاهر ڪيو ويو هو .