ٽنڊومحمد خان(رپورٽر) ٽنڊو محمد خان سيشن ڪورٽ ۽ ايڊيشنل ڪورٽ ٽو جي ٻن ڌار ڌار حڪمن تي شيخ ڀرڪيو پوليس پاران سرن جي ٻن بٺن تي ڇاپا هڻي عورتن مردن ۽ ٻارن سميت 38 ڄڻا پورهيت آزاد ،ڪرايا ويا. شيخ ڀرڪيو پوليس پاران ٽنڊو محمد خان سيشن ڪورٽ ۽ ايڊيشنل ڪورٽ ٽو جي حڪم تي شيخ ڀرڪيو ڀرسان شهباز پٺاڻ ۽ شهباز پنجابي جي ٻن بٺن تي ڇاپو هنيو ويو ، ڇاپي دوران مسمات گلشن ماڇي ، مسمات نوران ماڇي ، مسمات مومل ماڇي ، مسمات سومل ماڇي ، عبدالحفيظ ماڇي ، احمد ماڇي ، عزيزالله ماڇي سميت 38 ڄڻن کي پوليس بازياب ڪرائي ورتو ، جن کي ٽنڊو محمد خان جي مذڪوره ڪورٽن ۾ پيش ڪيو ويو جتي عدالت پاران کين پنهنجي مرضي سان زندگي گذارڻ جو حڪم ڏنو ويو ، ياد رهي ته ٽنڊو محمد خان جي سيشن ڪورٽ ۾ عباس علي ماڇي ۽ ايڊيشنل ڪورٽ ۾ قادر بخش ماڇي پاران ڌار ڌار درخواستون داخل ڪيون ويون هنيون ، جنهن ۾ ڄاڻايو ويو هو ته اسان جي خاندانن کي شهباز پٺاڻ ۽ شهباز پنجابي پاران ناحق قيد ڪري زبردستي پورهيو ڪرايو پيو وڃي ، جنهن تي ٻنهي ڪورٽن پاران ڌار ڌار شيخ ڀرڪيو ٿاڻي جي پوليس کي حڪم جاري ڪيو ويو ته پورهيتن کي فوري طور بازياب ڪرائي ڪورٽن ۾ پيش ڪيو وڃي جنهن تي شيخ ڀرڪيو پوليس مذڪوره ڪارروائي عمل هيٺ آندي.