ٽنڊو محمد خان (رپورٽر) ٽنڊي محمد خان ۾ گهر جي اندر زنجير سان ٻڌي قيد ڪيل 50 سالا عورت مسمات آمنه چوهاڻ کي پوليس عدالت ۾ پيش ڪري ڇڏيو ، ان ڏس ۾  مشترڪه ڪالوني ۾ گذريل ڏينهن گهر جي اندر زنجير سان کٽ ۾ ٻڌل 50 سالا مسمات آمنه چوهاڻ کي پوليس بازياب ڪرائي وري سندس بيان وٺي وارثن حوالي ڪري ڇڏيو هو جنهن کي وري ٻي ڏينهن پوليس ايس ايس پي ٽنڊو محمد خان عابد بلوچ جي حڪم تي عورت کي ٻيهر سندس گهر کان وٺي ٽنڊو محمد خان جي عدالت ۾ پيش ڪيو ، عدالت ۾ پيشي کانپوءِ 50 سالا عورت مسمات آمنه چوهاڻ کي ٽنڊو محمد خان جي سيف هائوس رکيو ويو آهي جنهن کي ٻيهر وري اڄ پوليس عدالت ۾ پيش ڪندي ، پوليس جو چوڻ آهي ته عورت پاڻ اعتراف ڪيو هو ته هن جو دماغي تواز درست ناهي جنهن جي ڪري هن کي سندس ڀاءُ گهر جي اندر زنجير سان ٻڌي ڇڏيو هو ، جنهن کي وري هاڻي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو ، هاڻي عدالتي حڪم تحت پوليس وڌيڪ جانچ ڪري رهي آهي .