ٽنڊو محمد خان (رپورٽر)  ٽنڊي محمد خان ۾ سنڌو دريا تي 6 نوان ڪينال ٺاهڻ واري منصوبي خلاف سنڌ هاري ڪاميٽي جي مرڪزي صدر ڪامريڊ ثمر حيدر جتوئي ، احمد نواز انقلابي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ سجاول چوڪ کان پيادل مارچ ڪري حيدرآباد روڊ تي احتجاجي ڌرڻو هنيو ويو ، جنهن سبب روڊ جي ٻنهي پاسن کان گاڏيون بيهجي ويون ۽ ٽرئفڪ معصل ٿي وئي ، ڌرڻي ۾ هارين ، هارياڻين وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪري سنڌو تي ڪئنال نامنظور جا اب ڏاريندڙ نعرا هنيا ويا ، اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته سنڌو دريا تي 6 نوان ڪئنال ٺاهي سنڌ جي زراعت کي تباھ ڪرڻ جي سنڌ دشمن سازش کي ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪيو ويندو ، هنن چيو ته سنڌو تي ڪئنال ٺاهي سنڌو کي سڪائڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي ، پنهنجي حقن ۽ سنڌو درياء کي بچائڻ خاطر ڪنهن به قرباني کان نه ڪيٻائبو ڇو ته پاڻي اسان جو جياپو آهي، پاڻي سان ئي زندگي آهي ، پاڻي ئي اسانجي وجود ۽ بقا جو مسئلو آهي ، نااهل حڪمران فوري طور سنڌ دشمن منصوبو ختم نه ڪيو ته سنڌ جو ٻچو ٻچو روڊن تي هوندو ، هنن اعلى اختيارين کان مطالبو ڪيو ته فوري طور سنڌو دريا تي ٺهندڙ 6 ڪئنالن واري فيصلي کي رد ڪري ٻي صورت ۾ سنڌ جا هاري ، هارياڻيون ۽ مزدور ايوانن آڏو احتجاج ڪندا  ، احتجاجي ڌرڻي دوران سنڌ هاري ڪاميٽي جي مرڪزي اڳواڻ احمد نواز انقلابي ، فقير ولايت حسين نوناري ، جبار باغي ، شاهد ٽالپر ، اسحاق سنڌي ، مختيار مگسي ، هارياڻي سيتا ٻائي ، ڪرشما ٻائي ۽ ٻين خطاب ڪندي سنڌو دريا تي 6 نوان ڪئنال قائم ڪرڻ واري منصوبي کي سنڌ دشمن منصوبو قرار ڏيندي رد ڪيو ،  سنڌ هاري ڪاميٽي جي ٽنڊو محمد خان ۾ لڳل ڌرڻي دوران مظاهرين ۽ پوليس ۾ چڪريون ۽ ڏند چڪ پڻ ٿي .