ٽنڊو محمد خان ( رپورٽر ) ٽنڊي محمد خان ۾ رند ۽ ڪولهي برادري جي گهرن تي جهيڙي کانپوءِ حملي نوجوانن ۽ عورتن تي تي تشدد خلاف پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي وئي ، احتجاج ۾ شامل رند برادري جي پيرسن مسمات بسم الله رند ، ثمرين رند ، مسڪان ، ڀارتي ٺاڪر ۽ ٻين چيو ته معمولي ڳالھ تان ميگهواڙ برادري جي مردن اسان جي گهرن تي چڙهائي ڪري نوجوانن کي لٺيون ، ڪهاڙيون هڻي زخمي ڪرڻ کانپوءِ پوليس وٽ رند ۽ ڪولهي برادري جي نوجوانن خلاف ايف آءِ آر داخل ڪرائي گرفتاريون ڪرايون آهن جنهن جي باوجود اڃان تائين ميگهواڙ برادري جي طرفان ان کي مذهبي تڪرار بنائڻ جي ناڪام ڪوشش ڪئي وڃي پئي جنهن ۾ رند برادري سان گڏ ڪولهي برادري سان تعلق رکندڙ پاڙي جا هندو به اسان سان گڏ شامل آهن جنهن جي ڪري ميگهواڙ برادري جي مذهبي معاملي واري تڪرار ڪوڙو ثابت ٿيو آهي ، معمولي ٻارن جي جهيڙي تان اسان جي خلاف پوليس وٽ بااثر حڪومتي ماڻهن جي مدد سان ايف آءِ آر داخل ڪرائي اسان جا نوجوان گرفتار ڪيا ويا آهن ۽ اسان جا نوجوان اسپتالن ۾ داخل آهن پر اسان جو ڪو به فرياد نه ورتو وڃي پيو ، اسان سان انصاف نه ڪيو ويو ته اسان پنهنجو پاڻ مرڻ گهڙي تائين بک هڙتال ڪنديوسين .