ٽنڊو محمد خان(رپورٽر ) ٽنڊي محمد خان مان جسقم جي اڳواڻ منظور خاصخيلي جي 4 ڏينهن اڳ ڪيل گرفتاري کانپوءِ وري سندس باقر نظاماڻي واري گهر تي پوليس جي وڏن اٽالن سان ڪيل چڙهائي ، عورتن مردن ۽ معصوم ٻارن تي تشدد ڪرڻ خلاف عورتن ٽنڊو محمد خان پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ، احتجاجي مظاهري کي گرفتار  نوجوان جي پيرسن امڙ بيواھ زينت خاصخيلي ، ماجده خاصخيلي ، سفيه خاصخيلي ، مريم خاصخيلي ۽ ٻين چيو ته  اسان جي نوجوان منظور خاصخيلي کي 4 ڏينهن اڳ پوليس بنا ڪنهن جواز گرفتار ڪري گم ڪري ڇڏيو هو هاڻي وري سندس گهر تي پوليس وڏن اٽالن سان چڙهائي ڪري عورتن مردن معصوم ٻارن تي تشدد ڪيو آهي جيڪو انساني حقن جي لتاڙ آهي ، چادر چارديواري جو تقدس پائمال ڪيو ويو آهي ، اعلى اختيارين کي پوليس جي ناانصافين جو ازالو ڪرڻ گهرجي ٻي صورت ۾ احتجاج جو سلسلو جاري رهندو .