ٽنڊو محمد خان(رپورٽر) ٽنڊي محمد خان جي مير پاڙي ۾ تازي ڄاول ٻار جي لاش کي ڪچري ۾ ڦٽو ڪيو ويو. مري ويل لاش جي ٻار کي جانور پنهنجو کاڄ بڻائي رهيا هئا ته رهواسين جي ڪيل اطلاع تي پوليس سفت جي رضاڪارن ذريعي معصوم ٻار جي لاش کي ايمبولينس ذريعي سرڪاري اسپتال پهچايو، جتان ضروري ڪارروائي کانپوءِ معصوم ٻار جي لاش کي مقامي قبرستان ۾ لاوارث قرار ڏياري تدفين ڪيو ويو آهي، ياد رهي ته ٽنڊو محمد خان ۾ تازي ڄاول ٻارن جي لاشن کي ڪچرن جي ڍيرن ۾ ڦٽو ڪرڻ جو سلسلو روز جو معمول بڻجي ويو آهي، پر پوليس ڏوهارين خلاف ڪارروائي ڪرڻ ۾ ناڪام ثابت ٿي آهي .