ٽنڊو محمد خان(رپورٽر) ٽنڊو محمد خان ۾ عدالتي حڪم تي واپڊا جي اڳوڻي ايگزيڪيوٽو انجنيئر عمران اعواڻ ، ايس ڊي او جمن جماڻي، سپريڊنٽ امداد ميمڻ ۽ لائن سپريڊنٽ اختر ميمڻ کي هڪ هڪ سال قيد، 2 لک ڏنڊ جي سزا جو حڪم ٻڌايو ويو آهي، ان ڏس ۾ ٽنڊو محمد خان جي ڪنزيومر ڪورٽ جي مئجسٽريٽ ميڊم سميرا شوڪت جي عدالتي حڪم تحت ٽنڊو محمد خان ۾ مالوند انور رند جي ڪيل فرياد تي 2 سال اڳ بجلي جي ڪرنٽ سبب سندس 2 مينهون مري وڃڻ جي 22اي جي درخواست جي ڪيل ٻڌڻي تي واپڊا جي اڳوڻي ايگزيڪيوٽو انجنيئر عمران اعواڻ، ايس ڊي او جمن جماڻي، سپريڊنٽ امداد ميمڻ ۽ لائن سپريڊنٽ اختر ميمڻ کي هڪ هڪ سال قيد، 2 لک ڏنڊ جي سزا جو حڪم ڏئي جيل ڪسٽڊي حوالي ڪري ڇڏيو ، ياد رهي ته ٽنڊو محمد خان جي ڪنزيومر ڪورٽ جي مئجسٽريٽ ميڊم سميرا شوڪت جي عدالت ۾ ايڊووڪيٽ حسن رضا رند ڪيس جي پيروي ڪئي.