ٽنڊو محمد خان (رپورٽر ) ٽائيم نيوز ۽ روزاني پنهنجي اخبار جي اعلانيل انتها پسندي کان آجي سنڌ جي سري هيٺ ٽنڊو محمد خان جي گورنمينٽ بوائز ڊگري ڪاليج ۾ ايڪتا جي جاڳرتا تقريب منعقد ڪئي وئي ، جنهن ۾ شاگردن قومي گيتن تي جهمريون هڻي پنهنجي ثقافت سان محبت جو اظهار ڪيو، ان موقعي تي ڪاليج جي پرنسپل جميل احمد مغل، ڊاڪٽر حسن بخش نوناري، پروفيسر ممتاز سمون، پروفيسر ارشد جان سرهندي، پروفيسر عبدالحميد کٽي، ليڪچرار  رياض خاصخيلي، ليڪچرار خليل سهتو ۽ ٻين تقريب کي مخاطب ٿيندي چيو ته ٽائيم نيوز ۽ روزاني پنهنجي اخبار جي سرواڻ علي قاضي پاران انتها پسندي کان آجي سنڌ جي عنوان هيٺ ايڪتا ڏهاڙي جو اعلان ڪري سنڌي ماڻهن جي دليون کٽي ورتيون آهن، اسان کي پنهنجي تعليمي ادارن ۾ ايڪتا سان انقلابي قدم کڻي ثقافت سان محبت جو وچن ورجائڻو آهي، سنڌ هزارين سالن کان پنهنجي تاريخ تهذيب ثقافت رکندڙ آهي اسان سنڌي آهيون اسان کي پنهنجي سنڌي هجڻ تي ناز آهي، پهرين ڊسمبر تي ايڪتا ڏهاڙي کي قومي عيد ڪري ملهائينداسين.