ٽنڊو محمد خان(رپورٽر) ٽنڊو محمد خان ۾ آءِ بي اي ٽيسٽ پاس اميدوارن کي آفر آرڊر نه ملڻ خلاف احتجاجي جلوس، پيادل مارچ، ڊگرين کي باھه ڏئي ساڙيو ويو ، ٽنڊو محمد خان ۾ آءِ بي اي ٽيسٽ پاس 40 فيصد کان وڌيڪ مارڪون هجڻ باوجود آفر آرڊر نه ملڻ تي شهر جي الفتاح چوڪ کان آءِ بي اي ٽيسٽ پاس ايڪشن ڪاميٽي جي اڳواڻن فيصل ميمڻ، منصور احمد، راجا اڪبر سومرو ، نظيران مغل، نسرين نظاماڻي، نصرت ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي جلوس ڪڍي پيادل مارچ ڪري ٽنڊو محمد خان پريس ڪلب آڏو مظاهرو ڪيو ويو ، مظاهرين آفر آرڊر ڏيو ، ڪرپٽ تعليم کاتي جا آفيسر بدلي ڪريو لاءِ نعريبازي ڪئي، احتجاج دوران اڳواڻن چيو ته آءِ بي اي ٽيسٽ پاس ۾ سنڌ حڪومت جي 40 سيڪڙو مارڪون هجڻ تي آفر آرڊر ڏيڻ واري اعلان تي ٽنڊو محمد خان ۾ ڪو به عمل ٿي نه سگهيو آهي، ايجوڪيشن کاتي جي ڪرپٽ ضلعي ۽ تعلقي عملدارن ضلعي جي تعلقن ۽ يونين ڪائونسلن ۾ الڳ الڳ فرق ڄاڻائي 40 سيڪڙو مارڪن کان مٿي نمبر هجڻ باوجود آفر آرڊر کان محروم رکي پنهنجي من پسند چند ماڻهن کي آفر  آرڊر ۾ شامل ڪري کين مختلف هنڌن تي خالي پيل اسڪولن جي اندر مقرري ڪرائي آهي، پر ٽنڊو محمد خان جي اندر اسان کي آفر آرڊر ڏيڻ کان انڪار ڪيو وڃي پيو ، ان موقعي تي مظاهري ۾ آءِ بي اي ٽيسٽ پاس اميدوارن آفر آرڊر نه ملڻ تي پنهنجي تعليمي قابليت جي ڊگرين کي باھه ڏئي احتجاج طور ساڙيو ۽ اعلان ڪيو ته اڃان به اسان کي آفر آرڊر نه ڏنا ويا ته مجبور ٿي سنڌ اسيمبلي آڏو پاڻ تي گاسليٽ هاري باهيون ڏينداسين، جنهن جي ذميواري سنڌ حڪومت تي لاڳو ٿيندي.