ٽنڊو محمد خان (رپورٽر) ٽنڊو محمد خان جي ستر موري ڀرسان اٽي جي چڪي تان 55 سالا شخص جو لاوارث حالت ۾ لاش هٿ ڪيو ويو آهي، ڳوٺاڻن جي اطلاع تي تعلقي ٿاڻي جي اهلڪارن لاش کي ايمبولينس ذريعي رضاڪارن کان کڻائي پوسٽ مارٽم لاءِ ٽنڊو محمد خان جي سرڪاري اسپتال پهچايو ، پوسٽ مارٽم جي ابتدائي رپورٽ ۾ تشدد جو ڪو به نشان ظاهر نه ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ ڊاڪٽرن خدشو ظاهر ڪيو آهي ته پيرسن بيماري سبب فوت ٿي سگهي ٿو پر پوسٽ مارٽم جي جزن جي ليبارٽري مان رپورٽ اچڻ کانپوءِ فوتگي جي سبب جي تصديق ڪري سگهجي ٿي، تعلقي ٿاڻي جي اهلڪارن جو چوڻ آهي ته نامعلوم پيرسن شخص ڪپڙن مان فقير طبعيت جو مالڪ ٿي سگهي ٿو، جنهن کي اسان کي پيناڪ فقير به چئي سگهون ٿا، سندس سڃاڻپ ٿي نه سگهي آهي لاش کي مرده خاني ۾ رکيو ويو آهي ، وارث نه اچڻ جي بعد فوتي جي لاش کي لاوارث قرار ڏياري رضاڪارن ذريعي تدفين ڪيو ويندو .