ٽنڊوڄام(ن پ ا) ٽنڊوڄام ٿاڻي جي حد ٽنڊوقيصر ۾ چورن هٿان ڀاڳيو قتل ٿي ويو، ان ڏس ۾ ٽنڊوجام ويجهو ٽنڊوقيصر پاڙي ۾ گهر اندر طور داخل ٿيا ته مزاحمت تي گهر ڌڻي ظفر نظاماڻي زخمي ٿي پيو، جنهن کي اسپتال نيو ويو ته نوجوان رستي ۾ دم ڌڻي حوالي ڪيو، پوليس واقعي واري هنڌ دير بعد پهتي، نوجوان جو لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو، هوڏانهن پوليس جو چوڻ آهي ته نوجوان گهر اندر ستل هئو ته مزاحمت تي ڀاڳيو زخمي ٿي پيو آهي، پوليس موجب اطلاع دير سان ملڻ ڪري پهتا آهيون، جاچ ڪيون پيا، وارثن انصاف جي گهر ڪئي آهي، هوڏانهن واقعي جو آخري اطلاعن تائين ڪيس داخل نه ٿي سگهيو آهي، نه ئي ڪا گرفتاري عمل ۾ اچي سگهي آهي.