ٽنڊوغلام علي(ن پ ا) سنڌو مان 6 نوان ڪئنال ڪڍڻ ۽ پوليس طرفان پرامن احتجاج ڪندڙ ڪارڪنن ۽ وڪيلن تي تشدد خلاف عوامي تحريڪ جي ڪارڪنن عبدالرزاق بوزدار جي اڳواڻي ۾ نئون دمبالو کان ٽنڊوغلام علي پريس ڪلب اڳيان ڌرڻو هنيو جڏهن ته حاجي مير خان اسٽاپ تي آباد گار اڳواڻ  فهيم طارق ۽ امير بخش رند جي اڳواڻي ۾ جسقم جي ڪارڪنن سان گڏجي سوين آبادگارن جو زرداري مين روڊ مير خان اسٽاپ تي ڌرڻو ھنيو ويو،عوامي تحريڪ صدر ايڊووڪيٽ وسند ٿري، مهراڻ درس عبدالرزاق بوزدار ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته ڪارپوريٽ فارمنگ منصوبن کي فوري طور ختم ڪري زمينون مقامي هارين کي ڏنيون وڃن ھنن چيو ته چولستان ڪئنال سميت سمورن ڪئنالن جا سرٽيفڪيٽ فوري طور رد ڪيا وڃن ۽ من گهڙت انگن اکرن جي بنيادن تي پاڻي موجودگي جا جعلي سرٽيفڪيٽ جاري ڪري ملڪ ۾ گهرو ويڙهه ڪرائڻ جي سازش ڪندڙ ارسا جي ميمبرن خلاف آئين جي آرٽيڪل 6 تحت ڪارروائي ڪري 26 هين آئيني ترميم سميت سمورا ڪارا قانون ختم ڪيا وڃن. چشما جهلم لنڪ ڪئنال سميت پنجاب جا سمورا ڪئنال بند ڪري  سنڌ کي سنڌ پنجاب پاڻي ٺاهه1945ع موجب سنڌ جي حصي جو پاڻي ڏنو وڃي. ٻي طرف آبادگار اڳواڻ فهيم طارق ۽ امير بخش رند جي اڳواڻي ۾ سوين آبادگارن سان گڏجي دريا تي ڌاڙو نامنظور جا نعرا ھڻندا گلاب لغاري حيدرآباد ۽ مير پورخاص ڏانهن ويندڙ مين روڊ تي ڌرڻو ھڻي ويهي رھيا مظاھرين جي ھٿن ۾ پلي ڪارڊ ھئا جن تي مختلف نعرا لکيل ھئا.