ٽنڊوغلام علي (ن پ ا) ايس ٽي پي جي ڪارڪنن جو ضلعي بدين ۾ بدامني ۽ ڪارڪنن جي بيگناھ گرفتاري خلاف عبدالجبار منڱريو جي اڳواڻي ۾ ھٿن ۾ پلي ڪارڊ کڻي احتجاجي مظاھرو ڪندا پريس ڪلب اڳيان پهتا، جتي ھڪ ڪلاڪ ڌرڻو ھڻي ويهي رھيا، ان موقعي تي ڪامريڊ زوار بوزدار عبدالجبار منڱريو، حنيف جٽ، اختر آرائين ۽ ٻين چيو ته بدين ضلعي ۾ پوليس ايس ٽي پي جي ڪارڪنن کي بيگناھ گرفتار ڪري انهن مٿان منشيات جا ڪوڙا ڪيس داخل ڪرڻ جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي ھنن آئي جي سنڌ ڊي آئي جي حيدرآباد کان مطالبو ڪندي گهر ڪئي آھي ته بدين مان بيگناھ گرفتار ڪيل ايس ٽي پي ڪارڪن نور محمد انصاري کي آزاد ڪري ايس ٽي پي جي ڪارڪنن مٿان داخل ڪيل چرس جا ڪوڙا ڪيس ختم ڪري ڪارڪنن کي آزاد ڪيو وڃي نه ته ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو جنهن جي ذميواري انتظاميا تي ھوندي.