ٽنڊوغلام حيدر(ن پ ا) ٽنڊي غلام حيدر ۾ ڳوٺاڻن شڪاري ڀڄائي ڇڏيا. ان ڏس “ يونين ڪائونسل نصير خان چانگ جي ڳوٺ مٺو چانگ  ڀرسان  نامعلوم  شڪارين جي فائرنگ  ۾ ناياب  نسل  جي  هڪ ڪونج  مري وئي،  جڏهن ته هڪ زخمي ڪونج ڳوٺاڻن  ڇڏائي، شڪارين کي ڀڄائي   ڇڏيو. زخمي ٿيل ۽ مري ويل  ڪونج  ڇڏرائي ڳوٺاڻن وائيلڊ لائيف کاتي جي اختيارين کي اطلاع ڪيو. ڳوٺاڻن وائيلڊ لائف کاتي جي عملدارن کي اپيل ڪندي چيو ته زخمي ٿيل پکي جو علاج  ڪرائڻ سان گڏ شڪارين خلاف ڪيس داخل ڪيو وڃي.