ٽنڊو غلام حيدر (ن پ ا) ٽنڊو غلام حيدر ۾  سنڌ  ترقي پسند پارٽي جي ڪارڪنن ۽ ڳوٺاڻن پوليس جي زيادتين خلاف ريلي ڪڍي بس اسٽاپ وٽ مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو، ان موقعي تي  عظيم شاھ، شوڪت ميمڻ، کمن لاکو ۽ ٻين جو چوڻ هو ته ايس ايچ او بنا جواز ٻن مزدورن  لڌو چارڻ ۽ غلام حسين ملاح کي گرفتار ڪري لاڪ اپ ڪري ڇڏيو آهي، پورهيتن کي تشدد جو نشانو بڻايو ويو آهي، هنن مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي پوليس خلاف ڪارروائي انصاف ۽ تحفظ فراهم ڪيو وڃي.