ٽنڊوغلام حيدر(ن پ ا) ٽنڊي غلام حيدر جي ڳوٺ مهرو خان چانگ جي رهواسي ڳوٺاڻن بااثر جي مبينا زيادتين خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي ڳوٺاڻن گهنور چانگ، قادربخش چانگ، رمضان چانگ ۽ ٻين ٻڌايو ته 15 ورهيه پهرين رمضان چانگ جي نياڻي کي بااثر قتل ڪيو، جنهن جو ڪيس پڻ داخل ڪرايو پوليس جوابدار کي گرفتار به ڪيو ، جنهن بعد علائقي جي معززين راڄوڻي فيصلو ڪيو جوابدار کي خون بخش ڪيو. هاڻي ٻيهر ساڳيو جوابدار ڳوٺ اچي اسان کي موتمار ڌمڪيون ڏئي ٿيل فيصلي جي ڀڃڪڙي ڪري رھيو آھي. جان جو خطرو آهي اسان غريبن جي ڪير نٿو ٻڌي ھنن آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي حيدر آباد، ايس ايس پي ٽنڊو محمد خان کي اپيل ڪندي چيو ته معاملي جو نوٽيس وٺي کين تحفظ فراهم ڪيو وڃي.