ٽنڊو غلام حيدر (ن پ ا) ٽنڊي غلام حيدر جي ڳوٺ رستم گاڏاهي ۾ ٻن بارن جي پي 50 ورهين جي جاويد لاشاري گهر اندر ڦاهو کائي زندگي جو انت آڻي ڇڏيو اطلاع ملڻ تي حد جي ڏندو پوليس واقعي واري هنڌ پهتي جتي فوتي جي وارثن پوسٽ مارٽم کان انڪار ڪندي چيو تہ فوتي ذهني مريض هو جنهن جو علاج هلندڙ هو جنهن بعد ڪاغذي قانوني ڪارروائي بعد پوليس واپس موٽي آئي.