ٽنڊو غلام حيدر(ن پ ا) ٽنڊي غلام حيدر ويجهو  مويا  ٿاڻي جي حد  واري ڳوٺ عبدالڪريم رند ۾  ٻن  ڌرين ۾ جهيڙو  ٿي پيو، جنهن دوران فائرنگ جي نتيجي ۾ رپيٽر جا ڇرا لڳڻ  سبب فضل حسين، قيصر خان، عبدالحسين، علي اڪبر، امام بخش، حبيب رند سميت 7 ڄڻا زخمي ٿي پيا. سمورن زخمين کي تعلقي اسپتال ٽنڊوغلام حيدر آندو ويو، جتي کين طبي امداد ڏيڻ بعد سول اسپتال حيدرآباد ريفر ڪيو ويو    زخمين پاران  جهيڙي جو ڪارڻ  نه ٻڌايو  ويو آهي.  ھوڏانھن  مويا پوليس  ٻڌايو  ته جهيڙو ڪهڙي ڳالهه تان پيش آيو آهي  ڇا معامرلو آهي ، ان جي ڄاڻ ناهي، في الحال زخمي ڌر  ڪو بيان  ناهي ڏنو .  جاچ  ڪيون پيا ته  واقعو ڪيئن پيش آيو آهي.