ٽنڊومحمدخان/ٽنڊوغلام حيدر(رپورٽر+ن پ ا) ٽنڊي غلام حيدر ويجهو ڳوٺ گلاب خان لغاري ۾ هٿياربندن پاران ناريءَ کي مبينا اغوا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، ان موقعي تي گهر تي حملو ڪيو ويو، جنهن جي نتيجي ۾ اظهر لغاري، بلاول لغاري بشير ۽ رفيق لغاري سميت چار ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا، جن کي تعلقي اسپتال ٽنڊوغلام حيدر منتقل ڪيو جتان طبي امداد ڏيڻ. بعد سمورن زخمين کي حيدرآباد اسپتال روانو ڪيو. ان سلسلي ۾ زخمي ٿيلن جي وارثن جو چوڻ آهي ته ڪار ۽ موٽر سائيڪل تي سوار ست هٿياربندن اظهر لغاري جي گهر تي فائرنگ ڪري سندس ڀيڻ ڪوثر لغاري کي زبردستي اغوا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي گهر ۾ موجود ڀاتين کي سخت تشدد جو نشانو بڻايو گوليون لڳڻ سبب ڪجهه ڳوٺاڻا زخمي ٿيا آهن، هن مھل تائين واقعي جو ڪيس داخل ناهي ٿيو نه ئي ڪا گرفتاري عمل ۾ آئي آهي.