ٽنڊو رحيم خان (ن پ ا) ٽنڊو رحيم خان ۾ ڳوٺ امام بخش شاهاڻي جي رھواسي ٻوڏ متاثرين سهائتا نہ ٿيڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو. قاسم شاهاڻي ،احمد،محمد نواز ۽ ٻين احتجاج دؤران پنهنجي اخبار سان ڳالهائيندي چيو تہ ٻوڏ سبب هنن جا گهر گهاٽ لڙهي ويا جنهن سبب هو پنهنجا اباڻا علائقہ ڇڏي ٽنڊو رحيم خان سميت مٿانهين وارن علائقن طرف لڏپلاڻ ڪري ويٺل آهيونه پر سرڪار ۽ ضلعي انتظاميہ پاران ڪا بہ سهڪار نہ ٿيڻ سبب هو انتهائي ڏکيائين کي مُنهن ڏيئي رهيا آهن ۽ تنبو نہ ملڻ سبب وڻن جي ڇانون هيٺان انتهائي مشڪل زندگي گذاري رهيا آهن هنن ٻڌايو تہ بيمارين سبب هنن جا ٻار ٻچا بغير علاج جي پڌري پٽ تي پيل آهن پر ڪا ميڊيڪل ڪئمپ ناهي جتان هي علاج ڪرائي سگهن هنن چونڊيل نمائندن سميت وس وارن کان گهر ڪندي چيو تہ ڪاڇي ۾ ٻوڏ کي ٻين مهينن کان مٿي وقت ٿيو آ ضلعي انتظاميه يا چونڊيل نمائندن ڪابه سار نه لڌي آهي هنن چيو ته هاڻي انتظاميه کي گهرجي ته اسان جي مدد  ڪري اسان کي عارضي طور لاءِ راشن ۽ تنبو ڏنا وڃن جئين اسا کي ڪجه ڏينهن لاءِ رليف ڏنو وڃي.