ٽنڊي رحيم خان ۾ ٻوڏ متاثرن جو واهر نه ٿيڻ خلاف مظاهرو

0
21
ٽنڊي رحيم خان ۾ ٻوڏ متاثرن جو واهر نه ٿيڻ خلاف مظاهرو
ٽنڊي رحيم خان ۾ ٻوڏ متاثرن جو واهر نه ٿيڻ خلاف مظاهرو

ٽنڊو رحيم خان( ن پ ا) ٽنڊو رحيم خان ۾ بي گهر ٿيل ٻوڏ متاثرين پاران سروي انجنيئر خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، مظاهرو ڪامريڊ امين جمالي ،حسين جنگواڻي،جعفر شاهاڻي جي اڳواڻي ۾ ڪيو ويو جن ڳالهائيندي الزام هنيو ته ٿرديپ  انتظاميه ۽ sphf پاران مقرر ڪيل انچارج اويس ۽ عظيم لغاري انجنيئر رشوت جو بازار گرم ڪري ڇڏيو آهي ۽ ھر  ٻوڏ متاثر کان 10 کان 15 هزار رشوت طلب ڪري رهيو آهي، پئسا نه ڏيندڙ ٻوڏ متاثرين کي هرڀرو رُلائيندو رهي ٿو ۽ نه ڪنهن سان ملڻ لاء تيار آهي نه فون کڻڻ لاء تيار آهي، متاثر مظاهرين وزيراعلئ سنڌ سميت تمام وس وارن کان گهر ڪندي چيو ته ڪرپٽ انجنيئر کي هٽائي سندس جاء تي ايماندار انجنيئر مقرر ڪري ڪاڇي واسي ٻوڏ متاثرن جا پئسا رليز ڪيا وڃن.