ٽنڊوجان محمد(ن پ ا) ٽنڊوجان محمد ۾ ڀيل برادري جي ماڻھن جو پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو، خبر موجب ٽنڊوجان محمد لڳ 57 ميل موري ديھه 196 ۾ چار ڏينھن اڳ آڌي رات غريب پورھيت بچل پٽ علودو ڀيل جي گھر کي باھه ڏئي ساڙيو ويو ھو، جنھن سبب گھر ۾ پيل نياڻي جي ڏاج سميت الھه تلھه سڙي رک ٿي ويو ھو، ڀيل برادري جي غريب پورھيت بچل ڀيل سان ٿيل ناانصافي خلاف برادري جي ماڻھن جوابدار ڌر خلاف پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو، ان موقعي تي مظاھرين جو چوڻ ھو ته چار ڏينھن اڳ ۾ ڪجھه ماڻھن آڌي رات جو اسان گھر کي باھه ڏئي فرار ٿي رھيا ھئا ته انھن مان ھڪ ڄڻي رميش ڀيل کي سڃاتو ويو ھو، باھه سبب منھنجي گھر جو الھه تلھه سڙي رک ٿي ويو، گھر ۾ پيل نياڻي جي ڏاج جو سامان پڻ سڙي ويو ھو، اسان جوابدار رميش ڀيل ۽ ٻين خلاف ٿاڻي تي اين سي داخل ڪرائي جنھن ۾ پوليس جوابدار رميش کي گرفتار ڪيو، برادري جي چڱن ماڻھن جي وچ ۾ پوڻ تي برادري طرفان راڄوڻي فيصلو ڪيو ويو، جنھن ۾ ٻنھي ڌرين جا معززين جنھن ۾ اسان جي طرفان ماستر نم ناز، پنھون ڀيل، ۽ جوابدار ڌر جا طرفان سابق ڪونسلر سراج ڀيل ۽ پوڙھو ڀيل جي سرپئنچي ۾ فيصلو ٿيو، جنھن ۾ جوابدار ڌر ڏوھي ثابت ٿيڻ تي پنج لک ڏنڊ وڌو ويو، ھاڻ جوابدار ڌر الٽو اسان خلاف بھتان بازي ڪري رھي آھي، اسان ٻيھر پوليس وٽ ويا آھيون، پوليس جوابدار گرفتار نه ٿي ڪري، ھنن ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي ميرپورخاص کان مطالبو ڪيو آهي ته جوابدارن خلاف اسان جي ايف آءِ آر داخل ڪئي وڃي ۽ جوابدارن  کي گرفتار ڪري اسان سان انصاف ڪيو وڃي.