ٽنڊوباگو(ن پ ا)ٽنڊوباگو ۾ يونين ڪائونسل پھاڙ مري جي سوين ڳوٺاڻن سچل ھاليپوٽو، نور احمد بڪاري، غلام مصطفي هاليپوٽو ۽ مبارڪ هاليپوٽو جي اڳواڻي ۾ ٽنڊوباگو بدين روڊ ڳوٺ پهاڙ مري وٽ ۽ ٽنڊوباگو نندو روڊ تي ھاليپوٽا اسٽاپ وٽ ڌار ڌار ڌر ڌرڻا هڻي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيا. ڳوٺاڻن الزام هڻندي چيو ته چيئرمين، وائيس چيئرمين ۽ ضلع ڪائونسل جو ميمبر ڳوٺن ۾ ڪو به ترقياتي ڪم نه ڪرايو آهي، يونين ڪائونسل کي ملندڙ لکين روپين جي ماهوار بجيٽ هڙپ ڪريو وڃن ٿا. هنن گهر ڪئي ته ڪرپٽ چيئرمين، وائيس چيئرمين تي ڪيس داخل ڪري کاڌل رقم واپس ڪرائي وڃي. ٻي طرف يوسي پھاڙ مري جي چئيرمين قادر سومرو ۽ ايس ايڇ او ٽنڊو باگو ڌرڻي واري هنڌ تي پهچي احتجاج ڪندڙ ڳوٺاڻن سان ڳالهيون ڪري مسئلا حل ڪرائڻ جي يقين ڌياني ڪرائڻ بعد ڳوٺاڻن ڌرڻو ختم ڪري ڇڏيو.